سنڌ جا پير ۽ برطانوي راڄ

سنڌ جا پير ۽ برطانوي راڄ

سنڌ جا پير ۽ برطانوي راڄ

سنڌ جا پير ۽ برطانوي راڄ (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور برطانوي اسڪالر ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ جي پروفيسر، ريڊر ۽ تاريخ جي شـعبي جي سربراهه، ڊاڪٽر ساره ڊي. ايف. انصاريءَ جي انگـريـزي ڪتاب ‘Sufi Saints & State Power: The Pirs of Sindh, 1843-1947’ جو سنڌي ترجمو آهي، اهو ترجمو حسين بادشاهه سومري ڪيو آهي.
هي ڪتاب ڇهن بابن ۾ ورهايل آهي. باب پهريون: ’سنڌ ۽ سنڌ جا پير 1833ع تائين‘ ۾: سنڌ ڌرتي ۽ رهواسي، مسلمانن جي سنڌ ۾ اچڻ جا ابتدائي 500 ورهيه، صوفي ۽ سنڌ ۾ مذهب جي تاريخ، پير صاحب ٽياڪڙ طور ۽ پيرن جو حاڪمن ۽ رعيت وچ ۾ ٽياڪڙيءَ واري عنوانن تي مشتمل آهي. باب ٻيو (1843ع کان پوءِ مڙهيل نظام ۽ سياسي نگرانيءَ جي جوڙجڪ) ۾ باقاعدي نظام جي جوڙجڪ، نئين نظام تي عمل، لاڳاپا جوڙيندڙ نظام ۽ نظام هلائڻ ۽ پير صاحب جو برطانوي راڄ مان نفعي لاءِ جاکوڙڻ- عنوانن تي مشتمل آهي. باب ٽيون: حڪومتي نظام تي دٻاءُ: پير پاڳارو ۽ 1890ع واري حر هلچل ۾ خطرو، ڏکيائين جا ڪارڻ، نظام جي ڪاميابي، باب چوٿون: (حڪومتي نظام تي دٻاءُ، خلافت تحريڪ 1910ع کان 1924ع تائين)، جنهن ۾: پيرن جو وسيع اسلامي دائري ۾ شامل ٿيڻ، خلافت تحريڪ ۾ پير صاحبن جو ٽياڪڙيءَ وارو ڪردار ۽ انگريزن کي جواب ۽ حڪومتي نظام چرپر ۾- عنوان شامل آهن. باب پنجين (حڪومت جي وڌيڪ ڳتيل سياسي نظام، راڄ هيٺ پير ۽ سندن سياست: 1900ع کان 1947ع تائين) ۾: پيرن جو سياسي ارتقا ۾ مثبت ڪردار، پير صاحب ۽ سياسي ميدان ۾ 1937ع تائين واڌ، جماعتن جي سياست، پير تراب علي شاهه جو وڌيڪ چتاءُ، پير صاحب ۽ سياسي ميدان ۾ ڦهلاءُ ۽ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي سياست- عنوان شامل آهن. باب ڇهين (آخري جوکو، پير پاڳارو- ٻيو ڀيرو) ۾ خطري جو ٻيهر نروار ٿيڻ، نظام ۾ ڏار، طاقت جو واهپو: زور آزمائي- عنوان شامل آهن. جنهن بعد پڄاڻي ۽ نتيجو ڏنو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 222 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو